گهوٽڪي ويجهو ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، نوجوان فوت

گھوٽڪي باءِ پاس ويجهو مرشد مهراڻ هوٽل وٽ نيشنل هاءِ وي تي موٽرسائيڪل سان ٽرالر جو ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ پنوعاقل جي ڪورائي ڳوٺ جو رهواسي نوجوان نثار احمد ڪورائي فوت ٿي ويو.

جنهن بعد اطلاع تي اي سيڪشن گھوٽڪي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي نوجوان جو لاش کڻائي سول اسپتال گھوٽڪي پهچايو.

جڏهن ته فوت ٿي ويل نوجوان نثار احمد ڪورائي جو تعلق پنوعاقل سان ٻڌايو پيو وڃي ۽ وڌيڪ چيو پيو وڃي ته نوجوان پاپوليشن کاتي ۾ ملازم هو، جيڪو موٽرسائيڪل تي سوار ٿي گھوٽڪي پنهنجي آفيس ڊيوٽي تي اچي رهيو هو ته ساڻس حادثو پيش آيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں