ڪوٽڙي ويجهو تيز رفتار ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب نينگر فوت

ڪوٽڙي جي مين نيشنل هاءِ وي تي بابا صلاح الدين ويجهو تيز رفتار ڪار 4 سالن جي نينگر سيد عرفان علي شاهه کي ٽڪر هڻي ڪڍيو، جنهن جي نتيجي ۾ نينگر سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڪار ڊرائيور موقعي تان کڻي تعلقي اسپتال پهچايو، جتي نينگر جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري ڪار ڊرائيور فرار ٿي ويو.

جڏهن ته نينگر کي بيهوشي واري حالت ۾ حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هو زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ فوت ٿي ويو،
نينگر جي فوت ٿيڻ جي اطلاع تي وارث اسپتال پهتا، جڏهن ته حادثي جي خبر نينگر جي پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته فوتي ٻارڙي جا وارث فقير هئڻ ڪري بابا صلاح الدين ڀرسان جهوپڙين ۾ عارضي رهائش پزهير آھن،
جنهن ڪري پاڙي وارن پهچي مسڪين خاندان جي مالي مدد لاءِ چندو ڪري ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو،
نينگر جي پيءَ سيد برڪت علي شاھ جو چوڻ هو ته فقير ماڻهو آھيون، منهنجي پٽ روڊ کان ٿورو پري راند پئي ڪئي ته تيز رفتار اڇي ڪلر جي ڪار ٽڪر هڻي ماري ڇڏيو آھي، هن چيو ته ڊرائيور فرار ٿي ويو آھي، کيس گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

ٻئي پاسي ايس ايڇ او ڪوٽڙي واقعي واري هنڌ پهتو، جنهن ڪارروائي ڪندي رپورٽ درج ڪئي ۽ نينگر جو لاش ٻيهر اسپتال کڻائي ضروري ڪارروائي ڪري وارثن حوالي ڪيو، ايس ايڇ او موجب ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں