ڪوهستان وڊيو اسڪينڊل: پنجن ئي نارين جي قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

سپريم ڪورٽ ڪوهستان وڊيو اسڪينڊل ڪيس ۾ قتل ٿيل پنجن ئي نارين جي قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ ڪوهستان ويڊيو اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس اعجاز الحسن جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ ڪئي.

سپريم ڪورٽ ڊي پي او ڪوهستان کي پنجن ئي نارين جي قتل جو ڪيس داخل ڪري فوري طور ڪيس جي جاچ شروع ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

عدالت چيو ته ڪيس جي حقيقت ڄاڻڻ لاءِ ٽي جي آءِ ٽيز ٺاهيون ويون پر هر ڀيري دوکو ڪيو ويو، جي آءِ ٽيز سامهون دوکو ڏنو ويو، ٻيون مائٽ ناريون پيش ڪيون ويون.

پنجن ئي نارين جي قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں