پي ٽي آءِ اجلاس، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏن وزيرن لاءِ نالا فائنل نه ٿي سگهيا

پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏن وزيرن جي اميدوارن جا نالا اڄ به فائنل نه ٿي سگهيا.

رپورٽ موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ بني گالا ۾ اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏ وزارت جي اميدوارن تي غور ڪيو ويو،
اجلاس ۾ جهانگير ترين، شاهه محمود قريشي، چوڌري سرور، شفقت محمود، نعيم الحق ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا. مشاورتي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن وچ ۾ وفاق، پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ حڪومت سازي سجي حوالي سان مشاورت ڪئي وئي،
پارٽي جي سينيئر اڳواڻ جهانگير ترين پارٽي قيادت کي آزاد اميدوارن سان جاري رابطن ۾ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو جڏهن ته صوبن جي گورنرز ۽ وڏن وزيرن جا نالا اڄ به فائنل نه ٿي سگهيا.

پنجاب جي وڏي وزارت لاءِ تحريڪ انصاف جا پنج اميدوار عليم خان، فواد چوڌري، ياسمين راشد، محمود الرشيد ۽ ميان اسلم اقبال ميدان ۾ آهن جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ نئين وڏي وزير لاءِ عاطف خان، پرويز خٽڪ ۽ اسد قيصر جا نالا غور هيٺ آهن.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته خيبرپختونخواهه جي گورنر لاءِ ارباب شهزاد جو نالو فيوريٽ آهي جڏهن ته بلوچستان جي گورنر لاءِ يار محمد رند جي نالي تي غور ڪيو پيو وڃي ۽ امڪاني طور تي انهن نالن جو اعلان سڀاڻي ڪيو ويندو.\

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں