پشتو فلمن جي مشهور ڳائڻي ريشم مڙس هٿان قتل

پشاور ۾ پشتو فلمن، ٽي وي ۽ ريڊيو ۾ پنهنجي آواز جو جادو جاڳائيندڙ آواز خاموش ٿي ويو آهي.

رپورٽن مطابق پشاور ۾ پشتو فلمن، ٽي وي ۽ ريڊيو ۾ پنهنجي فن جو جادو جاڳائيندڙ ريشم کي مڙس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي.

مقتولا جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته ڀيڻيوي کي ڀيڻ جي ڳائڻ تي اعتراض هو ۽ سندس ڪردار تي شڪ ڪندو هو ۽ ان جي ڪري انهن وچ ۾ مسلسل جهيڙو هلندڙ هو.

مقتولا جي ڀاءُ مطابق ريشم کي سندس مڙس ڪنهن مائٽ جي عيادت لاءِ وٺي ويو، جتي کيس گوليون هڻي قتل ڪيو.

واقعي کانپوءِ نوشهره پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں