پشاور ۾ ساهرن بجليءَ جا ڪرنٽ هڻي ناري کي قتل ڪري ڇڏيو

پشاور ۾ ساهرن بجليءَ جا ڪرنٽ هڻي ناري کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽن مطابق پشاور جي علائقي باڙا شيخان ۾ ساهرن 20 ورهين جي ناري کي تشدد ڪري بجلي جا ڪرنٽ هڻي قتل ڪري ڇڏيو. مقتولا ناري جي ڀاءُ مطابق منهنجي ڀيڻ کي ساهرن تشدد ڪرڻ کانپوءِ بجلي جا ڪرنٽ هڻي قتل ڪيو آهي ۽ لاش ڏيڻ کان انڪار ڪندي واقعي کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

پوليس ڪارروائي ڪندي لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد اسپتال منتقل ڪيو.

پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ناري کي تشدد ڪري مارڻ جي تصديق ٿي وئي آهي. پوليس مقتولا ناري جي ساهرن تي ڪيس داخل ڪري مڙس ۽ سهري کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں