ٽائپ ون شگر جي مريضن لاءِ کائڻ واري گوري تيار

ميسا چيوسيٽس(ويب ڊيسڪ) سگر جي مريضن لاءِ روزانو ٽڪن جي ذريعي انسولين جسم ۾ داخل ڪرڻ جو عمل هڪ تڪليف ڏيندر هوندو آهي.

پر هاڻي ٽائپ ون شگر جي لکين مريضن لاءِ هڪ نئون طريقو اميد جي ڪرڻ بڻجي سگهي ٿو. ان ۾ هو عام گوري جي طرح انسولين کي منهن جي ذريعي جسم جو حصو بڻائي رت ۾ مٺاڻ جي مقدار کي قابو ۾ رکي سگهي ٿو.

جڏهن ته ماهرن منهن جي ذريعي انسولينکائڻ جو هڪ نئو طريقو تيار ڪيوآهي جنهن سان هو پنهنجي زندگي بهتر بڻائيندي روزانو تڪليف ڏيندڙ سوئن مان نجات حاصل ڪري سگهجن ٿا.

توقع ڪي پئي وڃي ته ٽائپ ون شگر۾ مبتلا پوري دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو فائدوحاصل ڪري سگهن ٿا. جنهن جي تفصيل آن لائن ۾ شائع ڪئي وئي آهي. ماهرن موجب هي ڪيپسول تمام رڪاوٽن کي عبور ڪندي، جسماني تيزابن کي ناڪراهڪندي انسولين کي رت ۾ جذب ڪندي ۽ ان جو اثر عين انسولين جي طرح هوندوآهي.

شروعاتي طور رتي هن کي جانورن تي ڪاميابي سان آزمايو ويو آهي جڏهن ته ايندڙ مرحلي ۾ هن کي انسانن تي آزمايو ويندو جنهن ۾ ڪاميابي کان پوءِ انسولين سان ڀريل ڪيپسول وڪرو ٿي سگهندا

کیٹاگری میں : صحت

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں