وسيم اختر اڳيان شهرين جون دانهون، جواب ڏيڻ بنا روانو

ڪورنگي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر وسيم اختر اڳيان شهرين شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا.

وسيم اختر ڪورنگي جي دوري تي پهتو ته شهرين سندس اڳيان صفائي سٿرائي بابت سوالن جا ڍير لڳائي ڇڏيا.

ميئر ڪراچي مختلف علائقن جو دورو ڪيو، جنهن دوران شهرين گندگي ۽ صاف پاڻي جي فراهمي بابت ميئر کان سوال ڪيا پر ميئر سوالن جو ڪو به جواب نه ڏنو.

ميئر وسيم اختر کان سوال ڪندي شهرين پڇا ڪئي ته گندگي جا ڍير ڪڏهن هٽايا ويندا ۽ صاف پاڻي ڪڏهن ملندو پر ميئر شهرين جي سوالن جو ڪو به جواب نه ڏنو ۽ واپس هليو ويو.

مختلف علائقن جي دوري دوران هر هنڌ گندگي جا ڍير ڏسي وسيم اختر ڪاوڙ جو اظهار به نه ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں