نگران حڪومت پاران پيٽروليم وارين شين جا اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو

نگران حڪومت آگسٽ واري مهيني دوران پيٽروليم وارين شين جا اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق ڊيزل جي هاڻوڪي قيمت 112 رپيا 94 پئسا في ليٽر، گاسليٽ جي قيمت 83 رپيا 96 پئسا، لائيٽ ڊيزل جي قيمت 75 رپيا 37 پئسا، پيٽرول جي قيمت 95 رپيا 24 پئسا في ليٽر برقرار رهندي.

ناڻي واري وزارت مطابق اوگرا عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم وارين شين جي اگهن ۾ واڌ سبب قيمتون وڌائڻ جي سفارش ڪئي هئي پر هاڻي ڪي به اگهه ناهن وڌايا ويا. پڌرائي مطابق پيٽروليم وارين شين جا اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں