نواز شريف کي ڏهه، مريم نواز کي ست ۽ محمد صفدر کي هڪ سال قيد جي سزا

احتساب عدالت جي جج اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي 10 سال، ان جي ڌيءُ مريم نواز کي 7 سال ۽ محمد صفدر کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

احتساب عدالت نواز شريف تي 80 لک پائونڊ ۽ مريم نواز تي 20 لک پائونڊ ڏنڊ پڻ مڙهيو آهي، جڏهن ته ايون فيلڊ اپارٽمينٽس کي سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي. مريم نواز کي ڪوڙا دستاويز جمع ڪرائڻ تي به هڪ سال قيد جي سزا ملندي. ن ليگ اڳواڻ مريم نواز لاهور جي تڪ اين اي 127 ۽ پي پي 137، جڏهن ته ڪيپٽن (ر) صفدر اين اي 14 مانسهرا کان اميدوار هو، جيڪي هاڻي چونڊ وڙهڻ جي اهل ناهن رهيا. نيب پراسيڪيوٽر مطابق جوابدارن کي سزا ڏيڻ بابت ميڊيا کي آگاهه ڪيو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته حسين نواز ۽ حسن نواز عدالت ۾ پيش نه ٿيا، ان بابت سزا ناهي ٻڌائي وئي.

احتساب عدالت جي جج اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي عدالت جي بند ڪمري ۾ ڪئي، فيصلو ٻڌڻ لاءِ ڌرين جا وڪيل پڻ بند ڪمري ۾ موجود هئا. ايون فيلڊ ريفرنس ۾ جوابدار ڄاڻايل اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز لنڊن ۾ بيگم ڪلثوم نواز جي عيادت ۾ مصروف هجڻ ڪري پيش نه ٿيا، جڏهن ته ڪيپٽن (ر) صفدر مانسهرا ۾ موجود هجڻ ڪري عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو.

احتساب عدالت جي جج محمد بشير 9 مهينا 20 ڏينهن تائين ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ 3 جولاءِ تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو. ان دوران مجموعي 18 شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا، انهن شاهدن ۾ پاناما جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ به شامل هو. فيصلو ٻڌائڻ وقت عدالت ٻاهريان سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا.

اسلام آباد ۾ 144 قلم لاڳو آهي، جڏهن ته احتساب عدالت ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا عام ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا هئا. واضح رهي ته عدالت پاران فيصلو ٻڌائڻ کان اڳ عدالت ان فيصلي کي ملتوي ڪرائڻ لاءِ نواز شريف ۽ مريم نواز پاران داخل اپيل کي پڻ رد ڪري ڇڏيو هو.

نواز شريف کي ڏهه، مريم نواز کي ست ۽ محمد صفدر کي هڪ سال قيد جي سز

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں