نواز شريف جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد جي گهر تي ڇاپو، اهم دستاويزن سميت 2 ليپ ٽاپ، 5 موبائيل فون ضبط

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) نيب آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ۾ گرفتار نواز شريف جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد جي گرفتار تي ڇاپو هڻي اهم ڪاغذن سميت 2 ليپ ٽاپ ۽ 5 موبائيل فون ضبط ڪيا ويا آهن.

قومي احتساب بيورو جي ٽيم آشيانه هائوسنگ اسڪيم اسڪينڊل ۾ گرفتار ڪيل فواد حسن فواد جي گهر تي ڇاپو هڻي جهڙتي ورتي.

نيم جي ٽيم اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري جي گهر مان اهم ڪاغذ پنهنجي قبضي ۾ ورتا.

رپورٽ موجب فواد حسن فواد جي گهر مان 2 ليپ ٽاپ ۽ 5 موبائيل فون به قبضي ۾ ورتا ويا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں