نقيب قتل ڪيس جي پيروي ڪندڙ سيف الرحمان کي ڌمڪيون

نقيب الله قتل ڪيس جي پيروي ڪندڙ سيف الرحمان کي ڌمڪيون ملڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

نجي ٽي وي مطابق ڪيس جي فريادي جي وڪيل فيصل صديقي ايڊووڪيٽ آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي ۽ ايس ايس پي ملير منير احمد شيخ کي خط لکيو جنهن ۾ نقيب الله قتل ڪيس جي پيروي ڪندڙ سيف الرحمان کي ڌمڪيون ملڻ بابت آگاهه ڪيو.

خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته رائو انوار جي ساٿين پاران سيف الرحمان کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن،
سيف الرحمان تڪ اين اي 242 تي سياسي پارٽي جو اميدوار آهي.

خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سيف الرحمان کي فون ڪري چيو ويو ته رائو انوار بيڏوهي آهي،
ڪيس جي پيروي تان هٿ کڻو.

آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ملير کان سيف الرحمان جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ ۽ ان معاملي جي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں