ميڪسيڪو ۾ اڏام ڀرڻ جي پنجن منٽن اندر جهاز ڪري تباهه، پنجاسي مسافر زخمي

اتر ميڪسيڪو ۾ هڪ مسافر ڪري تباهه ٿي ويو آهي،

جنهنڪري 85 مسافر زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته خوشنصيبي سان ڪنهن به مسافر جي فوت ٿيڻ جو ڪو اطلاع ناهي مليو.

نجي ٽي وي مطابق ميڪسيڪو جي رياست ڊورنگو جي هڪ ايئرپورٽ تي اڏام ڀرڻ جي 5 منٽن اندر جهاز ڪري تباهه ٿي ويو. جهاز ۾ ٻن معصوم ٻارڙن ۽ عملي جي 4 ميمبرن سميت 103 ڄڻا سوار هئا.

جهاز جي ڪرڻ شرط باهه لڳڻ تي مسافر ۽ عملي جهاز مان ٽپو ڏئي پنهنجيون جانيون بچائڻ ۾ ڪامياب ويا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں