ميانمار ۾ ٻوڏ سبب پنجويهه ڄڻا فوت، هڪ لک ويهه هزار ماڻهو گهر ڇڏڻ تي مجبور

ميانمار ۾ مون سون برساتن سبب آيل ٻوڏ سان سڄي ملڪ ۾ 25 ڄڻا فوت ٿي ويا. دريائن ۾ پاڻي جي وڌندڙ سطح اٽڪل هڪ لک 20 هزار ماڻهن کي پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور ڪيو آهي.

جون جي مهيني ۾ ٿيل برسات شاهراهن ۽ پلن کي ٽوڙيندي ميانمار جي وڏن علائقن کي تباهه ڪيو آهي.

خاص ڪري ينگون جي ٻاهر واقع باگو خطي ۽ ڏکڻ رياست ۾ شديد نقصان ٿيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں