لاڳيتو موبائل جي اسڪرين کي ڏسڻ ٻارن جي اکين لاءِ نقصانڪار قرار

برمنگهم (ويب ڊيسڪ) ٽيبليٽ ۽ سمارٽ فون جي اسڪرين کي لاڳيتو ڏسڻ سبب هاڻ ننڍا ٻار خشڪ اکين جي مرض ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن، جيڪا بيماري اڳ ۾ رڳو وڏي عمر جي ماڻهن کي ٿيندي هئي.

ايسٽن يونيورسٽي جي ماهرن چيو آهي ته ننڍا ٻار اکيون ڇنڀڻ بدران ڪلاڪن جا ڪلاڪ سمارٽ فون ۽ ٽيبليٽس کي ڏسندا رهن ٿا، جنهن سبب انهن جي اکين ۾ گهم ختم ٿي رهي آهي ۽ سندن اکيون فوري طور تي خشڪ ٿي رهيون آهن.

اها ڪيفيت اڳتي هلي ڏاڍي تڪليف ڏيندي آهي ۽ ماهر اکين ۾ ڦڙا وجهڻ جي صلاح ڏيندا آهن. خشڪ اکين جي ڪيفيت شدت اختيار ڪري وڃي ته نظر ڪمزور ٿي ويندي آهي ۽ اکين جا ٻيا مسئلا جا جنم وٺندا آهن.

خشڪ اکين وارا ماڻهو جڏهن سمهي اٿندا آهن ته سندن اکيون چنبڙيل هونديون آهن، تنهن ڪري هاڻ ايسٽن يونيورسٽي جي ماهرن هڪ اهڙي ايپ تيار ڪئي آهي، جيڪا وقفي وقفي سان سمارٽ فون استعمال ڪندڙن جي اکين جو معائنو ڪندي رهندي ۽ اکين جي ان مرض جي صورت ۾ کين خبردار ڪندي. يونيورسٽي جا ماهرن موجب عام ڊاڪٽرن وٽ اکين جي خشڪي جاچڻ واري مناسب اوزار جي کوٽ هوندي آهي،
تنهن ڪري اها ايپ تيار ڪئي وئي آهي.

ماهرن خبردار ڪيو آهي ته 8 ورهين جي ٻار جون اکيون ڪيترين ئي تبديلين مان گذرڻ کانپوءِ وڏيون ٿينديون آهن ۽ ان دور ۾ پيدا ٿيندڙ ڪا به خرابي اک ۾ وڏي نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

ان ايپ ذريعي ٻارن ۾ خشڪ اکين جي ڪيفيت جي تفصيلي سروي به ممڪن ٿي سگهندي.

اها ايپ ٻارن ۽ وڏن کان اکين ۾ ساڙي ۽ خشڪي بابت سوال به ڪندي.

کیٹاگری میں : صحت

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں