عالمي ريسلر هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان پهچي ويا، ميجر جنرل آصف غفور سان ملاقات

عالمي ريسلر هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان پهچي ويا، ميجر جنرل آصف غفور سان ملاقات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ پروفيشنل ريسلنگ مقابلن ۾ شرڪت لاءِ عالمي ريسلر پاڪستان پهتا آهن، جن ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور سان ملاقات ڪئي. پاڪستاني شوقينن جو جوش گرمائڻ لاءِ ريسلنگ جي دنيا جا ناليوارا ستارا هڪ ڀيرو ٻيهر اسلام آباد پهتا آهن، جن ۾ ٽائني آئرن، بريم، بادشاهه خان ۽ آمريڪي عورت ريسلر ريبل به شامل آهي. پاڪستان پهتل عالمي ريسلرن ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور سان پڻ ملاقات ڪئي.

اسلام آباد ۾ پرڏيهي ريسلرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي رنگ آف پاڪستان جي چيف ايگزيڪيوٽو عاصم بخاري چيو ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي ته عالمي ريسلر هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان پهتا آهن، 8 آگسٽ کان اهي ريسلر پاڪستاني شوقينن کي ايڪشن ۾ نظر ايندا. سندس چوڻ هو ته هاڻ جان سينا سميت دنيا جا وڏي ۾ وڏا ريسلر پڻ پاڪستان جو رُخ ڪندا. هن چيو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاڪستان جو هيرو آهي، پرڏيهي ريسلرن جي ان سان به جلد ملاقات ڪرائي ويندي، مضبوط پاڪ فوج سبب ملڪ جون حالتون بهتر ٿيون آهن. ان موقعي تي ريسلر ٽائني آئرن چيو ته مان اڳ به هتي آيو هيس، پاڪستان کي هڪ سال تائين ڏاڍو ياد ڪيو، هي منهنجو ٻيو گهر آهي، ائين لڳي رهيو آهي ته ڄڻ مان پنهنجي گهر موٽيو آهيان، شوقينن جو استقبال منهنجي جذبي کي وڌائيندو.

پاڪستان ڄائي ريسلر بادشاهه خان چيو ته ريسلنگ هڪ فن آهي، هيءَ اميرن يا غريبن جي نه پر سڀني جي راند آهي، هن ڀيري اهڙو ڪم ڪنداسين جو سڄي دنيا ڏسندي. آمريڪي عورت ريسلر ريبل چيو ته مون کي پاڪستان اچي ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں