سپريم ڪورٽ پاران راحيل شريف ۽ شجاع پاشا جي پرڏيهي نوڪري جا تفصيل طلب

چيف جسٽس پاڪستان ٻٽي شهريت واري ڪيس ۾ رمارڪس ڏنا آهن ته قانون مطابق 2 سال تائين ڪوبه آفيسر ملازمت اختيار نٿو ڪري سگهي ۽ آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل (ر) شجاع پاشا پرڏيهه ملڪ هليو ويو، جڏهن ته ان جيان ئي جنرل (ر) راحيل شريف صاحب به پرڏيهه ۾ نوڪري وٺي ڇڏي، ڇا قانون فوجي آفيسرن تي لاڳو نٿو ٿئي؟

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ججن ۽ سرڪاري آفيسرن جي ٻٽي شهريت واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان سلسلي ۾ بچاءَ وارو سيڪريٽري ضمير الحسن شاهه عدالت ۾ پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته آءِ ايس آءِ جو اڳوڻو سربراهه جنرل شجھاع پاشا پرڏيهه ملڪ هليو ويو، ڪيئن رٽائرمينٽ کانپوءِ جلد ئي شجاع پاشا نوڪري وٺي ڇڏي؟ قانون مطابق 2 سالن تائين ڪوبه آفيسر ملازمت اختيار نٿو ڪري سگهي، ان ريت جنرل (ر) راحيل شريف صاحب به پرڏيهه ملڪ ۾ نوڪري وٺي ڇڏي، ڇا فوجي آفيسرن تي قانون لاڳو نٿو ٿئي؟ بچاءَ واري سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته منهنجي اطلاعن مطابق ٻئي آفيسر اين او سي وٺي ٻاهر ويا آهن.

ان تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته حساس ادارن جي اعليٰ آفيسرن ۽ سربراهن وٽ ڳجهي ڄاڻ هوندي آهي، اهڙن ماڻهن کي ته حفاظت ڏيڻ گهرجي. بچاءَ واري سيڪريٽري موقف ڄاڻايو ته وفاقي حڪومت پاران جنرل پاشا ۽ راحيل شريف کي اجازت ڏني وئي. ان موقعي تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته حڪومت جو ڪو ملازم رٽائرڊ ٿيندو آهي ته ٻن سالن تائين پرڏيهه ۾ نوڪري نٿو وٺي سگهي، ڇا 2 سالن واري پابندي جنرل پاشا ۽ جنرل راحيل شريف تي لاڳو ناهي؟

ان تي بچاءَ واري سيڪريٽري چيو ته مون کي ان ٻن سالن واري عرصي بابت ٺيڪ ڄاڻ ناهي. چيف جسٽس بچاءَ واري سيڪريٽري کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان ڏسي ٿا وٺون ته اها اجازت ڪنهن جي هئي، ان جي نوعيت ۽ معيار ڇا هو؟

ان تي جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته بچاءَ وارو سيڪريٽري اهو ٻڌائي ته ڪيترن آفيسرن پرڏيهه ۾ شاديون ڪري رکيون آهن؟ ان تي ضمير الحسن ٻڌايو ته آرمڊ فورسز جا آفيسر پرڏيهه ۾ شادي بابت فورس جي چيف جي اجازت وٺندا آهن، جيڪڏهن ڪير اجازت ناهي وٺندو ته کيس سخت سزا ڏني ويندي آهي.

ضمير الحسن عدالت کي ٻڌايو ته ڪنهن ٻٽي شهريت واري شخص کي آرمڊ فورسز ۾ نوڪري ناهي ڏني ويندي، ٻٽي شهريت بابت اها ڳالهه نوڪرين واري اشتهار ۾ به لکي ويندي آهي، جيڪڏهن ڪو ٻٽي شهريت رکندڙ آهي ته ان کي ٻي شهريت ڇڏڻي پوندي آهي.

چيف جسٽس بچاءَ واري سيڪريٽري کي چيو ته توهان جيڪو ڪجهه چئي رهيا آهيو اهو لکي ڏيو، پنهنجي طور تي چيڪ ڪنداسين ته آرمڊ فورس ۾ ڪو ٻٽي شهريت وارو آفيسر ته ناهي. ان کانپوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 7 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں