سپريم ڪورٽ پاران اليڪشن ڪميشن کي اين اي سٺ تي چونڊ ڪرائڻ جو حڪم

سپريم ڪورٽ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 60 تي چونڊ ملتوي ڪرڻ بابت نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيندي اليڪشن ڪميشن کي تڪ ۾ چونڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ اين اي 60 تي چونڊ ملتوي ڪرڻ بابت اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفيڪيشن خلاف شيخ رشيد جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس شيخ رشيد سان مخاطب ٿيندي رمارڪس ڏنا ته پهريان چيو هو ته چونڊون وقت تي ٿينديون، ماڻهو چون ٿا ته مان شيخ رشيد سان مليل آهيان،
جنهن تي شيخ رشيد چيو ته توهان قوم سان مليل آهي،
الله توهان کي وڏو ڪم ورتو آهي، سڄي ملڪ ۾ چونڊون ٿيڻ تي اوهان جي عظمت کي سلام پيش ڪريان ٿو.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن کي اين اي 60 تي چونڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته جمع ڪرايل سمورا نامزدگي ڪاغذ رد سمجهيا ويندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں