سيف علي خان جي انسٽاگرام جوائن ڪرڻ بابت خبرن ۾ ڪا سچائي ناهي: ترجمان

بالي ووڊ اداڪار سيف علي خان جي ترجمان سيف علي خان انسٽاگرام جوائن ڪرڻ جي حوالي سان خبرن کي رد ڪندي چيو ته اهڙين خبرن ۾ ڪا سچائي ناهي.

ڀارتي سڌ سماءُ وارن ذريعن موجب گذريل ڪجهه ڏينهن کان خبرون سامهون اچي رهيون هيون ته سيف علي خان انسٽاگرام جوائن ڪري ورتو آهي.

سيف علي خان جي ترجمان ان حوالي سان خبرن کي رد ڪندي چيو ته سيف علي خان جي پٽ ابراهيم جو اڪائونٽ هيڪ ڪيو ويو جتان اها پوسٽ جاري ڪئي وئي، ان معاملي جي جاچ جاري آهي.

سيف علي خان انسٽاگرام يا ڪنهن به سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي فعال ناهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں