سيد جلال محمود شاهه جي صدارت هيٺ ايس يو پي جو اجلاس، چونڊ نتيجن کي رد ڪيو ويو

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس اڄ حيدر منزل ڪراچي تي ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه جي صدارت هيٺ ٿي گذريو،
جنهن ۾ سيد زين شاهه، پير خليل جان سرهندي، اعجاز سامٽيو، روشن علي ٻرڙو، ادريس چانڊيو،ڊاڪٽر مشتاق شيخ، امير علي ٿيٻو، سيد غلام شاهه، جڳديش آهوجا، منير نائچ، مير مولا بخش لغاري، محبوب عباسي، مختيار ميمڻ، عبدالڪريم چانڊيو، فلڪ شير اوڏ ۽ بشير لنڊ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 2018ع جي جنرل اليڪشن جو تفصيلي جائزو وٺڻ کانپوءِ ان جي نتيجن کي رد ڪندي موقف اختيار ڪيو ويو ته هي اليڪشن مائيڪرو مئنيجڊ هيون.

وفاقي حڪومت جي حڪمراني لاءِ هڪ ڌر کي فائدي ڏيڻ خاطر سنڌ جي مينڊيٽ کي قربان ڪري پيپلز پارٽي کي هٿرادو طور پليٽ ۾ رکي ڏنو ويو.

جنهن جو سڌي طرح فائدو وفاق ۾ عمران خان ۽ سنڌ ۾ آصف زرداري کي ڏنو ويو سنڌ ۾ آر اوز، اي آر اوز ۽ پرزائيڊنگ آفيسرس جي ذريعي اليڪشن کي يرغمال بڻائي پيپلز پارٽي کي چوري ڪيل مينڊيٽ ڏياريو ويو.

سموري سنڌ جي اندر پيپلز پارٽي جي ماضي جي ڪارڪردگي سبب 80 سيڪڙو عوام ۾ انهن جي خلاف کليو ردعمل ۽ اظهار ڪيو پئي ويو، جنهن جو ثبوت سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي نامزد اميدوارن جي اليڪشن ڪيمپئين ۽ جلسن ۾ هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪندڙ عوام آهي.

اسين سمجهون ٿا ته اسان جي مينڊيٽ کي رشوت، سرڪاري دٻاءُ ۽ خوف ذريعي چوري ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري اسين هنن نتيجن کي رد ڪندي گهر ٿا ڪريون ته سنڌ ۾ ٻيهر اليڪشنون ڪرايون وڃن.

موجوده اليڪشن ۾ هڪ اهم ڳالهه نظر آئي آهي، آئون انهيءَ جي نشاندهي ڪرڻ انتهائي ضروري سمجهان ٿو. اسان ڏٺو ته جوڊيشري اليڪشن جي معاملي ۾ ڪرپشن جي نظر ٿيندي پئي وڃي.

رشوت جي ڊوڙ ۾ جيڪڏهن آر اوز، اي آروز ۽ ڊي آر اوز ان طرح سان اڳتي وڌڻ لڳا ته ايندڙ اليڪشنون ڪنهن به طرح سان صاف شفاف نه ٿي سگهنديون ۽ عوام جو ويساهه جمهوري عمل تان مڪمل طر ح سان ختم ٿي ويندو، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ اندر خطرناڪ قسم جي انارڪي پيدا ٿيندي ۽ مختلف ادارن جو پاڻ ۾ ٽڪراءُ اڻٽر ٿي پوندو.حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته سڀني پولنگ اسٽيشنز تي تمام بهترين تاثر ڏنو پئي ويو ته صاف ۽ شفاف اليڪشنس ٿي رهيون آهن پر جڏهن ته شام 6 وڳي کانپوءِ سموري سنڌ ۾ اسان جي اڪثريت وارين پولنگ اسٽيشنز تان اسان جي ايجنٽن کي ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ فارم 45 به نه ڏنو ويو، جنهن مان ثابت ٿو ٿئي ته اهڙا نتيجا تبديل ڪيا ويا.

اڪثر پولنگ اسٽيشنز تي رات جو 3 وڳي تائين به نتيجا ڪو نه ڏنا ويا، جنهن جو جواز آر ٽي ايس (RTS) سسٽم فيل ٿيڻ ڄاڻائڻ اڄ جي دور ۾ هڪ عجيب قسم جي مذاق برابر آهي. اسين سمجهون ٿا ته اليڪشن 2018ع دراصل آر او (RO) اليڪشن هئي، جنهن ۾ رشوت بازاري جو عنصر به شامل هيو،
پيپلز پارٽي جي من پسند پولنگ اسٽاف جي مقرري کان وٺي پوسٽل بيلٽس جو وڪرو ڪرڻ ۽ اسان جي ڪنهن به شڪايت تي عمل درآمد نه ڪرڻ ثابت ٿو ڪري ته اليڪشن 2018ع مڪمل طور رٽرننگ آفيسر جي ڪنٽرول ۾ هئي ۽ سنڌ جا نتيجا پيپلز پارٽي جي حق ۾ وڪرو ڪري ڏنا ويا 25 جولاءِ کان پهرين پوسٽل بيلٽس جي ڌانڌلي ۾ سرڪاري ڪارندن کي پڪڙي پوليس جي حوالي ڪيو ويو،
جنهن جي پٺيان چٽيءَ ريت آر او سيوهڻ ملوث نظر آيو.

اهڙي ڳالهه اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان تائين پڻ پهچائي وئي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ هائير جوڊيشري پنهنجي بي ايمان آر او خلاف قدم کڻڻ بدران ان کي تحفظ ڏنو ۽ بچايو. ياد رهي ته اليڪشن کان 4 ڏينهن اڳ کان وٺي سپريم ڪورٽ جو هڪ رٽائرڊ جج،
جيڪو سنڌ واٽر ڪميشن جو به اڳواڻ پڻ آهي، وقتن فوقتن آر اوز ۽ ڊي آر اوز سان ملاقاتون ڪري اليڪشن جي پراسيس تي اثر انداز ٿيندو رهيو. اسين يقين سان چئون ٿا ته اسان جي علائقي ۾ پري پول رگنگ ۽ آفٽر پول رگنگ ٿي آهي،
جنهن ۾ جوڊيشري، رياستي ادارا، انتظاميا، اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت مڪمل طور ملوث آهن. هڪ سوچيل سمجهيل رٿا هيٺ سنڌ جي ماڻهن کي پيپلز پارٽي وٽ قرباني جو ٻڪرو بنائي ايندڙ وقت لاءِ وري سنڌ کي تباهيءَ ڏانهن ڌڪيو ويو آهي. آخر ۾ آئون اهو چوندس ته سيوهڻ ۾ پوسٽ بيلٽ جو پڪڙجڻ ۽ آر او جي مٿان جوڊيشري پاران دفاع ڪرڻ ۽ اليڪشن ڪميشن پاران انڪوائري نه ڪرڻ پڻ عدالتن ۽ اليڪشن ڪميشن تي ڪيترائي سوال اڀاري ٿو.

اسين سمجهون ٿا ته اليڪشن ڪميشن صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام وئي آهي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو آهي ۽ اسين اليڪشن 2018ع کي مڪمل طور تي رد ڪيون ٿا. ايس يو پي هميشه جمهوري قدرن جو احترام ڪيو آهي پر اليڪشن 2018ع جي نتيجن کانپوءِ اهو ثابت ٿيو ته ڪجهه قوتون اسان کي جمهوري عمل ۾ ڏسڻ نه ٿيون چاهين،

جيڪڏهن ان طرح جي روش رکي وئي ته پوٰءِ هڪ ڏينهن اهو پري نه آهي جو سنڌ جي عوام جو جمهوري عمل تان مڪمل طرح ويساهه کڄي وڃي ۽ مجبورن اسان کي اهو رستو وٺڻو پوي جنهن جي سنڌ جو اڪثريت عوام خواهشمند هجي.

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جا ڪارڪن مايوس نه آهن پر هڪ سوال سندن ذهنن ۾ ضرور اڀريو آهي ته جمهوري سياست ڪرڻ تي اسان جي آڏو رڪاوٽون ڇو ٿيون کڙيون ڪيون وڃن.

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي اهو طئي ڪيو آهي ته اليڪشن ۾ ٿيل ڌانڌلين خلاف هر قانوني دڳ وٺڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي عوام وٽ وينداسين ۽ ڀرپور عوامي سگهه سان سنڌ جي قومي مفادن جي تحفظ، بهتر حڪمراني ۽ ڪرپشن خلاف هر وقت ميدان عمل ۾ رهنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں