زرداري ۽ فريال جي آءِ ٽي آڏو طلب، گيلاني خلاف ريفرنس منظور

ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي جي آءِ ٽي ۾ بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ طلب ڪري ورتو جڏهن ته نيب اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي خلاف بدعنواني جي ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ايف آءِ اي بي نامي اڪائونٽ مان مني لانڊرنگ ڪيس ۾ 32 ڄڻن جي خلاف جاچ ڪري رهي آهي، جن ۾ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر به شامل آهن، ان ئي سلسلي ۾ گذريل ڏينهن ۾ نجي بينڪ جي اڳوڻي صدر حسين لوائي کي گرفتار ڪيو ويو هو.

وفاقي جاچ اداري اليڪشن کان اڳ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي جاچ آفيسر جي سامهون پيش ٿيڻ جي لاءِ نوٽيس جاري ڪيو هو جڏهن ته ٻنهي شخصيتن جي قانوني ٽيم پيش ٿي هئي جڏهن ته سپريم ڪورٽ ان ئي ڪيس ۾ ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي هئي ته ٻنهي شخصيتن کي اليڪشن تائين نه گهرايو وڃي.

رپورٽ موجب ايف آءِ اي آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي هن ڀيري گڏيل جاچ ٽيم جي سامهون پيش ٿيڻ جي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

ايف آءِ اي جي نوٽيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي 4 آگسٽ تي ايف آءِ اي هيڊڪوارٽر اسلام آباد طلب ڪيو ويو ۽ ٻنهي شخصيتن کي جي آءِ ٽي ۾ بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو چيو ويو آهي.

ٻئي طرف جاري پڌرائي موجب نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اڳوڻي ويراعظم يوسف رضا گيلاني جي خلاف بدعنواني جي ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني ڏئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں