اپوزيشن وزيراعظم جو گڏيل اميدوار آڻي: خورشيد شاهه

پاڪستان پيپلز پارٽي چيو آهي ته نمبر گيم پاڪستان تحريڪ انصا جي حق ۾ ناهي، مسلم ليگ ن، پيپلز پارٽي، متحدا مجلس عمل ۽ ٻين اپوزيشن پارٽين کي وزيراعظم لاءِ گڏيل اميدوار آڻڻ گهرجي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف اڃان اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، ان جي سموري سياسي جو دارومدار متحده قومي موومينٽ تي آهي،
هاڻ ڏسون ٿا ته متحدا ڪهڙو فيصلو ڪري ٿي. خورشيد شاهه چيو ته اسان اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ به گڏيل اميدوار ڏينداسين.

هن ٻڌايو ته چيف اليشڪن مشنر ۽ سندس ٽيم سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ان کي چيو ته اليڪشن ڪميشن جي قانون جو عمل هڪ جهڙو هجڻ گهرجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں