ايم ڪيو ايم وفاقي حڪومت ۾ وئي ته کيس سنڌ ڪابينا ۾ شامل نه ڪيو ويندو: پ پ پ

پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت ٺاهڻ جي حوالي سان ايم ڪيو ايم بابت وڏو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان کي وفاق يا صوبائي حڪومت مان ڪنهن هڪ کي چونڊڻ جو آپشن ڏنو ويو آهي.

ذريعن مطابق پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت ايم ڪيو ايم جي فيصلي بابت ان جي قيادت کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايم ڪيو ايم وفاقي حڪومت جو حصو بڻي ته کيس سنڌ ڪابينا ۾ شامل نه ڪيو ويندو.

ذريعن مطابق پاڪستان پيپلز پارٽي جو موقف آهي ته ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ايم ڪيو ايم وفاق ۾ تحريڪ انصاف ۽ سنڌ ۾ پ پ پ سان گڏ هجي، ان ڪري ايم ڪيو ايم کي وفاقي حڪومت يا سنڌ حڪومت مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں