ايس اين پي سربراهه امير ڀنڀرو آزاد ٿي گهر پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ نيشنل پارٽي جو سربراھه امير ڀنڀرو 11 ڏينهن کانپوءِ آزاد ٿي گھر پهچي ويو.

ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي مان 11 ڏينهن اڳ گرفتار ڪيل ايس اين پي سربراھه امير ڀنڀرو آزاد ٿي گھر پهچي ويو آهي. امير ڀنڀري جي آزادي جي ايس اين پي اڳواڻ علي خاصخيلي پاران تصديق پڻ ڪئي وئي آهي.

علي خاصخيلي جو چوڻ هو ته امير ڀنڀرو آزاد ٿي گھر پهتو آهي پر في الحال ساڻس ڪنهن جو به رابطو ناهي ٿيو.

هن چيو ته 11 ڏينهن اڳ ڪلفٽن واري علائقي مان ايس اين پي سربراھه امير ڀنڀري کي قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي اهلڪارن کنڀيو هو،
جنهن تي ايس اين پي جي احتجاج کان پوءِ کيس آزاد ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں