آرمي چيف جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس، دهشتگردي خلاف ويڙهه جاري رکڻ جون هدايتون

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ آهي ته انتهاپسندي ۽ دهشتگردي خلاف ٿيندڙ ڪاميابي کي اهميت ڏني وڃي. آءِ ايس پي آر مطابق جنرل هيڊڪوارٽر راولپنڊي ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ٿي.

ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ ملڪ جي اندروني ۽ پرڏيهي سلامتي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف ڪوششون جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته انتهاپسندي ۽ دهشتگردي خلاف ملندڙ ڪاميابين کي اهميت ڏني وڃي.

ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ شامل ٿيندڙن افغانستان سان عسڪري لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

آرمي چيف اليڪشن ۾ پاڪ فوج جي خدمتن کي پڻ ساراهيو. اجلاس ۾ چونڊ عمل دوران شهيد ۽ زخمي ٿيندڙ فوجي جوانن کي خراج تحسين پڻ پيش ڪيو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں